حڪيم محمد امين سومرو

حڪيم محمد امين سومرو: حـڪيم محمد امين سومرو 1895ع ڌاري هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تـعليم اباڻي ڳوٺ مان پرائي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ حڪيم اجمل خان دهلويءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جنهن کيس طبيه ڪاليج ۾ داخلا ڏني. تعليم مان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد خيرپور موٽي آيو، جتي کيس ميرن جي شاهي درٻار ۾ طبيب خاص جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت بعد خيرپورميرس ڇڏي ڍوري ناري ۾ پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ جلد ئي عمرڪوٽ ۽ ان جي آسپاس ۾ وڏي مقبوليت ماڻيائين. ڍوري ناري ۾ اچڻ بعد سندس زندگيءَ جو نئون دؤر شروع ٿيو. حڪيم اجمل خان جي صحبت ۾ اچي هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هيءُ مسلم ليگ کي متحرڪ ڪندڙ اهم شخصيتن مان هڪ هو. سندس دوا خانو ظاهري طور ته ’شفاخانو‘ هو، پر اهو انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو مرڪز هو. 1938ع ۾ سندس ڪوششن سان ڍوري ناري ۾آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي.
حڪيم محمد امين سومري، 12 جون 1965ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو